عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ وومين ايڪشن فورم طرفان ڳوٺ گيلو نوناري جو دورو، مارچ ۾ شرڪت جي دعوت

مارچ جي موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ اڄ وومين ايڪشن فور پاران ڳوٺ گيلو نوناري جو دورو ڪري عورتن کي عورت مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويئي. ڪچھري دوران عورتن پنھنجي مسئلن بابت کلي ڳالھايو ڊاڪٽر حسين مسرت ،وومين ايڪشن فورم جي تعارف کانپوء عورت آزادي مارچ جي دعوت ڏيندي عورت آزادي مارچ جي اھميت بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي۽ عورتن جي جدوجھد بابت آگاھي پڻ ڏني بشيران سولنگي عورتن جي حقن بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ عورتن کي پنھجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاء آواز بلند ڪرڻ بابت ھمٿايو مجموعي طور تي ھن ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آھي پاڻيء ڀرڻ لاء عورتن کي ٽي چار ڪلوميٽر پري وڃڻو پوندو آھي گئس منظور ٿيڻ جي باوجود لائنون ٺھيل نہ آھن صحت جون سهولتون ڪونہ آھن اسپتال جي عمارت ٺھيل آھي پر ان ۾ ڊاڪٽر ۽ انتظاميه موجود نہ آھي نہ ئي وري ويم گھر موجود آھن .پرائمري اسڪول موجود آھن ،سيڪنڊري تعليم جي سھولت نہ آھي. ھن ڳوٺ جون ڪافي عورتون ڳوٺ ۾ پنھنجا دوڪان ھلائين ٿيون ۽ محنت مزدوريءَ لاء شھر بہ وڃن ٿيون وومين ايڪشن فور م پاران عورتن کي يقين ڏياريو ويو تہ انھن سڀني مسئلن کي عورت آزادي مارچ جي پليٽ فارم تان اجاگر ڪر ڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي .ڳوٺ جي سڀني عورتن عورت آزادي مارچ جي حوالي سان نعرا ھنيا ۽ مارچ شرڪت ۾ تمام گھڻي دلچسپيءَ جو اظھار ڪيو .