موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي موسميات کاتي پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب 26 فيبروري کان راولپنڊي اسلام آباد ۾ به برساتن جي شروعات ٿيندي. ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ مغربي هوائن سان بلوچستان سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ٻئي طرف پي ڊي ايم اي پنجاب جي انتظاميه برسات بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ هفتي کان برسات جو امڪان آهي. سومر کان 27 فيبرري تائين پنجاب جي مٿانهين علائقن ۾ برسات پوندي. اٽڪ، راولپنڊي، جهلم، چڪوال، سرگودها، ميوالي، بهکر، ليه ۽ ڊيره غازي خان ۾ برسات ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي پي ڊي ايم اي پنجاب لاهور سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات جڏهن ته مري ۽ گليات ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان موجب برسات ۽ برفباري سان روڊ تان ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي سگهي ٿي. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. لاڳاپيل ضلعن جي عملي ۽ مشينري کي هاءِ الرٽ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.