غوثپور ويجھو جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ پنيل جعفري ۾ اشتهاري ڏوهاري نصر الله ڪوڪاري نندواڻي. ظفر الله ۔ صدام عرف ٺيٻو. پنهنجي ساٿي ھٿياربند ساڻ ڪري 10 لک روپيا ڀتو نه ملڻ تي رمضان جعفري جي گهر تي ڪاھ ڪري انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب رمضان. گلڻ. عبدالستار سڌو جعفري سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ شھر جي نجي اسپتال ۾ فرسٽ ائڊ ڏيوائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ اطلاع ملڻ باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي۔ ڌريون مورچا بند ھجڻ سبب وڌيڪ خونريزي جو خطرو موجود آھي