آرمي چيف جنرل عاصم منير اي ايس پي سيده شهربانو نقوي سان ملاقات ڪري هجوم کان عورت کي بچائڻ تي کيس شاباشي ڏني بهادر عورت آفيسر شهربانو نقوي لاهور ۾ مڇريل هجوم کان عورت کي بچائيندي کيس حفاظت سان ڪڍيو هو آرمي چيف بهادر پوليس آفيسر سان ملاقات ڪري سندس ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، عورتون معاشري جو املهه حصو آهن ۽ انهن جو احترام مذهب ۽ اسان جي معاشرتي قدرن ۾ به شامل آهي هن چيو ته خدشن ۽ شڪايتن جي حل لاءِ قانوني رستو موجود هوندي قانون هٿ ۾ نه کنيو وڃي، بدعت جي بنياد تي پاڻمرادو ڪارروائيون معاشري جي نظريي کي ڪمزور ڪنديون آهن.