موسميات کاتي جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ سنڌ ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ ادارن کي الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ اڪثر هنڌن تي تيز برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي مٿانهين سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جڏهن ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب گوادر، ڪراچي، حيدرآباد، راولپنڊي، پشاور، مردان، اسلام آباد، ملتان، سيالڪوٽ، نارووال ۽ لاهور ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي لاڳاپيل صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها صورتحال جي مڪمل نگراني ڪري ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهي. امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ امدادي ٽيمن ۽ مشينري جي دستيابي کي يقيني بنايو وڃي اختيارين موجب سياحن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ جي لاءِ امڪاني موسمي صورتحال کان آگاهي ڏيڻ لازمي آهي. اختيارين موجب سياحن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته سفر جي شروعات کان اڳ موسم ۽ روڊن جي صورتحال کان آگاهه رهن.