عورت آزادي مارچ: وومين ايڪشن فورم جي وفد جون ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت

عورت آزادي مارچ جي موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ وومين ايڪشن فورم ۽ ايچ ار سي پي پاران ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي دعوت ڏني ويئي ڊاڪٽر حسين مسرت وومين ايڪشن فورم جو تعارف ڪرائيندي، جدوجھد جي تاريخ تي روشني وڌي ۽ عورت آزادي مارچ جي اھميت ۽ تنظيمن جي پاڻ ۾ جڙت بابت ڳالھايو ۽ ٽرانسجينڊرس جي مسئلن بابت سماج ۾ منفي روين بابت ڳالھايو ۽ ان سلسلي ۾ آگاھي جي ضرورت بابت پڻ ڳالھايو غفرانه آرائين سبني کي ھميشه جيان ڀرہور شرڪت لاءِ چيو مديحه ھمراز تنظيم جي ڪمن بابت ڳالھائيندي ٽراسجينڊر جي ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو وومين ايڪشن فورم پاران مختلف سماجي اڳواڻن سان رابطه ڪري ذاتي طور تي ۽ انھن سان لاڳاپيل تنظيمن کي پڻ دعوت ڏني وئي جن ۾ انڊس شوشل فورم، صوفي فورم، ھمدم فائونڊيشن ۽ ٻيون تنظيمون شامل آھن. سڀني ڌرين پاران عورت آزادي مارچ جي حمايت ڪندي ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو ويو.