ڪشمور پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو ٻھ ڏوھاري زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ جي دعوا چار فرار زخمي ٿيل ڏوھارين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

تفصيل موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي ملير ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين جو پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ٻھ ڏوھاري زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ جي دعوا جڏهن ته چار ڏوھاري فرار ٿي ويا زخمي ٿيل ڏوھارين جي سڃاڻپ جاويد ولد تاج محمد سبزوئي ء مختيار ولد ساجن سبزوئي طور ٿي آهي گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان ٻھ ٽي ٽي پسٽل ھٿ ڪيا ويا آهن زخمي جوابدارن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڪشمور پوليس موجب جوابدار سنگين ڏوھن اغوا جي ڪيترن ئي وارداتن م ملوث ھئا جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي