ڪنڌڪوٽ:غوثپور ۾ ڏينھن ڏٺي ڌاڙيل شھر جي مئن شاھي بازار ۾ ڪاھي پيا۔ پنجن موٽر سائيڪلن تي سوار ڏھ کان وڌيڪ ھٿياربندن ڪنڌڪوٽ واسي سوناري بلاول مغل جي دوڪان تي چڙھائي ڪري عملي کي يرغمال بڻائي کانس پنڌرھن لک روڪ رقم ۽ لکين روپين جا سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ پوليس سڏ پنڌ تي ھوندي به ڪجھ نه ڪري سگھي فائيرنگ سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ ماڻھو خوف سبب دوڪانن ۾ اندر لڪي ويا اهڙي واقعي بعد شهر جي واپارين پنهنجو ڪاروبار بند ڪري جي يو آئي جي اڳوڻ سيد فيض الرحمان شاھ۔ سيد سھيل احمد شاھ ۽ جمال دين اوڳاهي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ٿاڻي تي پهچي غوثپور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنهن بعد مظاهرين وڌندڙ بد امني خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري غوثپور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ٿه ڏوهاري سري عام هٿيارن سان شهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي واپارين کي يرغمال بڻائي کانس لکين روپيا ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا پر پوليس انهن جي رستا روڪ ڪرڻ بدران انهن جي سهولتڪاري ڪري انهن کي آساني سان فرار ڪرائي ڇڏيو۔ مظاهرين ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي توڙي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته بنا ڪنهن دير جي اسانجي احتجاج جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ سونا زيور ريڪور ڪرائي ڏنا وڃن ٻئي صورت ۾ اسان جو لڳل انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري رهندو.