ڪنڌ ڪوٽ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جو ايس ٽي پي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو چار ڪلاڪ تائين احتجاجي

ڪنڌ ڪوٽ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جو ايس ٽي پي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو چار ڪلاڪ تائين احتجاجي ڌرڻو لڳايو انھي موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي اڪرم باجڪاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، سجاد بروھي، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، والي ڏنو سنڌي، شاھنواز مرھیٽو، ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي اندر بدامني عروج تي آهي روزانو ڦر، چوريون، اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن جنهن ڪري عوام سخت تڪليف ۾ آهي پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار ھي نه آهي 24 ڪلاڪن ۾ ڪيتريون وارداتون ٿيون آهن روڊ رستا محفوظ نه آهن پوليس اصل ڏوھارين بدران شريف شھرين کي گرفتار ڪري ڪيترا ڏينهن لڪائي بعد ۾ ھنن کي ڏوھاري ڄاڻائي ڪوڙا مقابلا ڪري رھي آهي پوليس جي اھڙن زيادتين سبب قبيلائي تڪرار وڌي رھيا آهن شريف ڏوھاري بڻجي رھيا آهن چند ڏوھارين کي گرفت ۾ پوليس ۽ سيڪیورٽي ادارا نه ٿا آڻي سگھن اسين واقعن تي خاموش نه ويھنداسي ھي شھر ھي ضلعو اسان جو آهي امن امان خراب ھجڻ قبيلائي تڪرار وڌڻ ڪري عوام مجبورن لڏپلاڻ ڪري تي مجبور ٿي وئي آهي اسان جو مطالبو آهي ضلعي اندر امن امان قائم ڪرائي ڏوھارين کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي،