ڪشمور ضلعو ۾ ڌاڙيل راڄ بڻجي ويو انڊس ھاء وي کان مزدا مان ڊيرابگٽي واسي ٽي ڄڻا اغوا جمال ٿاڻي جي روڊ مان رڪشا ۾ سوار ٽن کان ڦر مزاحمت تي پوليس جمعدار کي زخمي ڪري ڇڏيو

تفصيل موجب ـ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي ويو سکر کان ڊيرابگٽي ويندي مزدا تي رات جو ھٿيار بندن جي فائرنگ مزدا ۾ سوار ڊرائيور ۽ ساٿين سونھار خان عرف بابر بگٽي ـ محمد جان بگٽي ـ برڪت بگٽي کي اغوا ڪري مزدا کي انڊس ھاء وي تي ڇڏي ھليا ويا اطلاع جي بعد پوليس پھتي ڌاڙيلن جي پويان روانا ٿيا پر خالي واپس موٽي آيا اغوا ٿيلن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته بگٽي برادري ۽ ڊيرابگٽي واسي آهن ـ بدامني جي باھ ۾ تيزي جمال ٿاڻي جي حد ۾ رڪشي تي سوار ٿي غوثپور ايندڙن ٽن ڄڻن کي ھٿياربندن روڪي ڪري روڪ رقم موبائيل فونون ڦر ڪئي تنگواڻي پوليس ٿاڻي جو پوليس جمعدار حمزا خان به ھيو جنهن مزاحمت ڪئي ته ھٿياربندن گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي کي ڪرمپور اسپتال نيو ويو جتان وارث سکر کڻائي ويا ـ ڪنڌ ڪوٽ تعلقي جو قديمي شھر غوث پور ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ٽولي جي صورت ۾ اچي مصرف ترين شاھي بازار ۾ اچي منور لال سوناري جي دوڪان مان سون ۽ چاندي لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي پر غوثپور پوليس خاموش بڻيل آهي