ڪنڌڪوٽ ۾ چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ ايمبولينس سروس جو افتتاح ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي اقبال احمد چاچڙ، مشتاق چاچڙ علي جان چاچڙ حافظ عبدالرحمان چاچڙ، فيض محمد چاچڙ، عبدالفھیم چاچڙ ڪئي جنھن ۾چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ جا ميمبر ڄام ڌڻي بخش چاچڙ، جمال الدين چاچڙ، معروف احمد چاچڙ، استاد عبدالرزاق چاچڙ، علي جان چاچڙ، ربنواز چاچڙ، گل حسن چاچڙ، راڻو خان چاچڙ، مشتاق خان چاچڙ، رئیس محمد ايوب چاچڙ، عبدالغفار چاچڙ، استاد نواز علي چاچڙ، صحافی محمد شعبان چاچڙ، ايڊوڪيٽ گل محمد چاچڙ ذوالفقار علي چاچڙ، اشفاق احمد چاچڙ، علي گوهر چاچڙ مير خان چاچڙ ۽ ٻيا دوست موجود ھئا. جنھن ۾ شھر جي معزز ماڻھن سماجي شخصيتن ڊاڪٽرن صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صحافي لياقت علي کوسو، ڊاڪٽر حضور بخش سومرو، ڊاڪٽر محمد يوسف نوناري ، غلام مصطفيٰ میراڻي، برڪت علي خان چاچڙ، ڊاڪٽر وقار احمد خواجه،صحافي ، ھدايت الله ڀٽو، ذوالفقار علي گولو، مراد علي گولو، ڊاڪٽر وويڪ ڪمار، عبدالباسط پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ ايمبولينس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ھي اسان جي پھرين ايمبولينس آهي. جنھن جو ھتي افتتاح ڪيون ٿا.ھي اسان بغير ڪنهن رنگ نسل جي بغير ڪنهن ذات پات جي انسانن جي خدمت لاءِ ڪوششون جاري آهن. ۽ انشاء الله تعاليٰ آھستي آھستي ٻين شهرن ۾ به ايمبولينس سروس شروع ڪئي ويندي. ھي ڪم اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيون ٿا. ۽ ٻين دوستن کي به گذارش ڪيون ٿا ته ھو اسان سان ان نيڪ ڪم ۾ تعاون ڪن.سماجي اڳواڻن ۽ڊاڪٽرن ان ڪم کي تمام گهڻو ساراهيو