قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي وزيراعظم جي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ نئين قائد ايوان ۽ ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي ويندي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي جا ميمبر پارليامينٽ هائوس پهچي رهيا آهن شهباز شريف مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ اتحادي پارٽين جو اميدوار آهي جنهن کي 200 اميدوارن جي حمايت حاصل آهي جڏهن ته سندس مخالف سني اتحاد ڪائونسل جو عمر ايوب خان آهي جنهن کي 91 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. قائد ايوان جي چونڊ لاءِ 169 ميمبرن جي حمايت لازمي آهي ،قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ شهباز شريف، عمر ايوب، اسد قيصر، خورشيد شاهه، خواجا آصف، نواز شريف، حمزا شهباز ۽ ٻيا ميمبر پارليامينٽ هائوس پهچي ويا آهن نئين وزيراعظم جي چونڊ، شهباز ۽ عمر ايوب وچ ۾ مقابلو، ميمبرن جي پارليامينٽ هائوس پهچڻ جو سلسلو جاري ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کي قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ ئي وزيراعظم جي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ذريعن موجب شهباز شريف مڪمل سيڪيورٽي ۾ پارليامينٽ هائوس پهتو، جتي هن اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي اعزاز ۾ ناشتي جو انتظام ڪيو ۽ خطاب پڻ ڪيو