پاڪستان ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، ڪراچي مارچ جنوريءَ وانگر محسوس ٿيندي

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ (اين ڊي ايم اي) ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ۽ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي اين ڊي ايم اي موجب ملڪ جا مختلف شهر 5 کان 7 مارچ تائين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب جي مٿانهين علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي ان سان گڏ مٿانهين ۽ وچ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ ٿڌ جو به امڪان آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مري سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي موسميات کاتي اڄ خيبرپختونخواهه، ڪشمير، مري، گليات، راولپنڊي، اسلام آباد ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي راولپنڊي جي برساتن ۽ مقامي درياهن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته تازين برساتن کانپوءِ موسم غير معمولي سرد ​​ٿي وئي آهي ڪراچي موسم:ڪراچي ۾ صبح سوير گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شهري مارچ ۾ جنوريءَ وانگر محسوس ڪري رهيا آهن موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ، ٿڌي ۽ صاف رهندي، هوا ۾ نمي جو تناسب 28 سيڪڙو ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 24 کان 26 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي شهر ۾ اتر اولهه کان 16 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن