ملڪي ڪوهستان مري سميت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مواصلاتي رستا بند ٿي ويا، ڇتون ڪري پيون، ڀتيون، وڻ ٽٽي ويا ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا ڪيترائي واقعا پيش آيامري ۾ گذريل 2 ڏينهن جي برسات کانپوءِ برفباري شروع ٿي وئي آهي، موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مري ۾ وڌيڪ برفباري ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ،بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان جي مختلف ضلعن ديامور، غذر، استور ۽ اسڪردو سميت ڪيترن ئي هنڌن تي قراقرم هاءِ وي کي بند ڪيو ويو آهي. مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٻه ماڙ رهائشي گهر سميت ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون، برفباري سبب مظفر آباد، باغ سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب مواصلاتي رستا بند ٿي ويا آهن سوات ۾ تيز برفباري سبب ڪالام ۽ مالم جبه سميت مختلف علائقن جا رابطا رستا مڪمل طور بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب اتي پهتل سياحن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ،برسات ۽ برفباري کانپوءِ لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا بند ٿيڻ سبب ڪار حادثي ۾ فوت ٿيل گلگت جي نوجوان اسرار جو مڙهه سندس اباڻي علائقي ڏانهن نه آندو ويو آهي، وارثن سان گڏ اپر ڪوهستان ۾ تعزيت ڪئي وئي آهي.،ٻئي طرف چترال، دير، ايبٽ آباد، صوابي، پارا چنار، هنگو، اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ برسات ۽ برفباري سبب موسم سخت سرد ٿي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جا ڪيترائي ضلعا برفباري جي موسم جي زد ۾ آهن. جڏهن ته چمن، قلعه عبدالله، پشين، قلات، مستونگ ۾ به موسم تيز ٿي وئي آهي ،گوجرانوالا، جهلم، ڊي جي خان سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ برسات ۽ گجگوڙ کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي،موسميات کاتي موجب ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي، جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، مٿانهين ۽ وچ پنجاب ۾ به برسات جو امڪان آهي،موسميات کاتي موجب الهندي هوائن جي اثر هيٺ برساتن جو نئون سلسلو 5 مارچ کان 7 مارچ تائين ۽ 5 کان 7 مارچ دوران بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي ،موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هن وقت سنڌ جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته بلوچستان جا تربت، گوادر، ڪيچ، چاغي، مستونگ، پشين ۽ قلعه عبدالله جا علائقا به برسات سبب متاثر ٿي سگهن ٿا.