هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: شهباز شريف

نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي ملڪ خلاف سازش ڪئي وئي، اسان اها سازش ناڪام بڻائي، هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي، ايوان ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته رياست کي بچائڻ لاءِ اسان سياست کي قربان ڪري ڇڏيو، ملڪ جي تباهه ٿيل معيشت کي پيرن تي بيهاريو،هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۽ اتحادين سان گڏجي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ خوشحالي جو انقلاب آڻينداسين، گوڙ سان فرق نه پوندو، اسان سامهون وڏا چئلينجز آهن، بجلي مهانگي آهي، بجلي جون قيمتون گهٽائڻيون آهن، آصف علي زرداري، ميان نواز شريف، بلاول ڀٽو ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪريان ٿو