موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان وڌيڪ برساتن جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان خميس تائين وڌيڪ برساتن ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، خيبرپختونخواهه ۽ ۽ گلگت بلتستان ۾ برساتن جو نئون اسپيل وسڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ وڌيڪ برفباري ٿيڻ جو به امڪان آهي. ملڪ ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ برساتن جو سلسلو 7 مارچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جهڙالو رهندو، پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو ۽ خشڪ رهندو هوڏانهن اين ڊي ايم اي به ملڪ ۾ تيز برساتن جي هڪ ٻئي اسپيل جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي موجب ملڪ ۾ برساتن ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ جي نئين لهر شروع ٿي وئي جڏهن ته تيز برساتن ۽ برفباري کان پوءِ لينڊ سلائينڊنگ سبب ڪيترائي اهم روڊ بند ٿي ويا پاڪ پتن ۽ قصور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن سيءَ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي اڄ کان 7 مارچ تائين ملڪ ۾ تيز برساتن جي هڪ ٻئي اسپيل جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.