ھڪ ھفتو اڳ غوثپور ٿاڻي جي حد باگڙين جي قبرستان ڀرسان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل بگٽي برادري جي چئن ڄڻن کي ڪشمور پوليس دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو

ھڪ ھفتو اڳ غوثپور ٿاڻي جي حد باگڙين جي قبرستان ڀرسان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل بگٽي برادري جي چئن ڄڻن کي ڪشمور پوليس دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آھي۔ ڪشمور پوليس دعوا ڪئي آھي ته ھنن برڪت علي۔ محمد جان۔ بھرام ۽ بابر بگٽي کي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان ڏوھارين سان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرايو آھي۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڪالھ کان دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀيا۔ سبزوئي ۽ جاگيراڻي گينگ جي ڏوھارين جو گھيرو تنگ ٿيل ھيو ۽ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ھيو۔ رات دير سان ڏوھاري مغوين کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته ساڻن مقابلو ٿي پيو ۽ ڏوھاري مغوين کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ واضع رھي ته چئني بگٽي برادري جي ماڻھن کي سکر کان سوئي ويندي غوثپور ڀرسان مزدا مٿان فائيرنگ ڪري سندس ٽائير برسٽ ڪرڻ بعد زبردستي لاھي اغوا ڪري ويا ھئا جن جي رھائي لا۽ ٽي ڏينھن اڳ وارثن ڪنڌڪوٽ با۽ پاس تي ڌرڻو به ھنيو ھيو