پ پ جي اڳواڻ فريال ٽالپر غوثپور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي تعزيت لا۽ پھچي ويئي

تفصيل موجب پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر ٻھ ھفتا اڳ فوت ٿي ويل پ پ ايم پي مير عابد خان سندراڻي سان سندس زال جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ دڙي سندراڻي پھتي۔ ان موقعي تي ھن سان گڏ پ پ اڳواڻ مڪيش چاوله۔ گل محمد جکراڻي۔ اعجاز جکراڻي۔ مير محبوب علي خان بجاراڻي۔ انور سيال ۽ ٻيا گڏ ھئا۔ محترمه فريال ٽالپر مير عابد سندراڻي سان سندس زال جي وفات تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو۔ ان موقعي تي ھن ميڊيا وارن سان ڪابه ڳالھ ٻولھ نه ڪئي ۽ جلد ئي واپس ھلي ويئي۔ سندس اچڻ تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا ۽ پوليس جي وڏي نفري رستن تي الرٽ بيٺي ھئي