تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ڏيڊ مهينو اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل مغوي محبوب ملڪ لياقت شيخ جي ڌاڙيلن پاران ٽيون ڀيرو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، ويڊيو ۾ ڌاڙيل مغوين جي مٿان گرم پاڻي ڇڙڪي رھيا آھن، مغوي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان بازيابي جون اپيلون التجائون ڪري رھيا آھن، خدا جي واسطي اسان جي جان ڇڏايو، اوھان کي ٻچن جو واسطو آھي، ھن اسان جي ساٿي کي ماري ڇڏيو آھي نت ھي اسان کي قتل ڪري ڇڏيندا، اھڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد مغوين جي وارثن ۾ مايوسي ڇانئجي وئي