موبائل فون سمون بند ڪرڻ تي اسٽي آرڊر جاري نه ڪيو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته نان فائلرز جون موبائل فون سمون بند ڪرڻ جو اسٽي آرڊر جاري نه ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽيڪس نان فائلرز جون موبائل فون سمون بند ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. وفاقي حڪومت موبائل نيٽ ورڪ ڪمپنيز جي خلاف ڪارروائي تي جاري اسٽي آرڊر رد ڪرڻ جي گڏيل درخواست داخل ڪئي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏيان ته حڪم امتناع سمز بند ڪرڻ تي نه آهي. اهو آرڊر صرف درخواستگذارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هو. حڪومت جو سمون بند ڪرڻ جو آرڊر اڃان به ان فيلڊ آهي. عدالت سمجهي سگهي ٿي ته حڪومت معاشي ريفارمز تي فوڪس ڪري رهي آهي اهو قدم به انهي ريفارمز جي حوالي سان کنيو ويو هوندو. عدالت ڪوشش ڪندي ته جلد کان جلد انهي ڪيس جو فيصلو ٿي وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.