برطانوي وزيراعظم

برطاني وزيراعظم ڪرڪيٽ کيڏندي ڊوڙ دوران ڪري پيو

برطانوي وزيراعظم اينٽيگوا ۽ باربوڊا جي سرڪاري دوري دوران مقامي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ميچ کيڏندي ڊوڙ دوران توازن وڃائي ڪري پيو، جنھن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي آھي.تفصيل موجب، اينٽيگوا جي پگٽس ڪرڪيٽ گرائونڊ تي برطانوي وزيراعظم مقامي ڪرڪيٽرن ۽ سياستدانن سان گڏ ڪرڪيٽ ميچ ۾ حصو ورتو. بيٽنگ دوران وڪيٽن جي وچ ۾ رنس مڪمل ڪرڻ لاءِ ڊوڙندي سندس پير ترڪي ويو ۽ ھو ميدان تي ڪري پيو.واقعي کانپوءِ وزيراعظم فوري طور اٿي بيٺو ۽ راند جاري رکي. ميدان تي موجود ماڻھن سندس راند ۾ دلچسپي ۽ شرڪت کي ساراھيو.واقعي جي وڊيو ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام سميت مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي شيئر ڪئي پئي وڃي، جتي صارفين طرفان مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن.پرڏيھي دورن دوران عالمي اڳواڻن جو مقامي راندين ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سفارتي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن کي ھٿي ڏيڻ جو ھڪ طريقو پڻ سمجھيو ويندو آھي.