ايڪسپورٽ فنانسنگ

ايڪسپورٽ فنانسنگ ۾ واڌارو

پاڪستان ۾ برآمدات کي ھٿي وٺرائڻ، برآمداتي قرضن جي عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ ۽ رعايتي مالياتي سھولتن جو دائرو وڌائڻ لاءِ حڪومت طرفان مختلف قدم کنيا پيا وڃن. انھن قدمن جو مقصد عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني برآمد ڪندڙن جي پھچ ۽ مقابلي جي صلاحيت کي بھتر بڻائڻ آھي.وفاقي وزير تجارت جام ڪمال خان اقتصادي ۽ تجارتي تعاون بابت قائم ڪميٽي جي 42ھين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تھ ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ حڪومت مختلف اھم سڌارن تي ڪم ڪري رھي آھي.جام ڪمال خان موجب، پاڪستان پنھنجي ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ، يعني ايگزِم بئنڪ (EXIM Bank) کي مڪمل طور فعال بڻائي رھيو آھي. ان سلسلي ۾ تجارتي قرضن جي عمل کي ڊجيٽل نظام ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، جنھن سان روايتي پيچيدگيون گھٽجڻ ۽ واپاري برادري لاءِ ايڪسپورٽ فنانسنگ تائين رسائي وڌيڪ آسان ۽ شفاف ٿيڻ جي اميد آھي.ھن وڌيڪ چيو تھ عالمي مارڪيٽن ۾ مقابلي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ برآمد ڪندڙن کي گھٽ شرح تي قرض ۽ مالي سھولتون فراھم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آھي. ڊجيٽل سڌارن سان مالي معاملن ۾ شفافيت، وقت جي بچت ۽ برآمدات ۾ واڌاري جا امڪان پيدا ٿيندا.