قائد اعظم ٽرافي

قائداعظم ٽرافي 2026-27ع لاءِ اسڪواڊز جو اعلان،

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي)قائداعظم ٽرافي 2026-27ع لاءِ ٽيمن جي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو اھم ترين ٽورنامينٽ 3 نومبر کان شروع ٿيندو.پي سي بي جي پڌرائي موجب، قائداعظم ٽرافي جو 69ھون ايڊيشن گولڊ ۽ سلور ڪيٽيگريز ۾ ورھايو ويو آھي، جنھن ۾ مختلف ٽيمون حصو وٺنديون.ھي ٽورنامينٽ نوجوان ۽ مقامي رانديگرن لاءِ پنھنجي صلاحيتن جو مظاھرو ڪرڻ جو اھم موقعو ھوندو، جڏھن تھ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا پڻ ملي سگھن ٿا.قائداعظم ٽرافي پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ اھم حيثيت رکي ٿي، جنھن ذريعي نئين ٽيلنٽ کي سامھون آڻڻ ۽ ملڪي ڪرڪيٽ کي ھٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي.