حڪومتي ذريعن موجب، بلوچستان ۾ نادرا ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان جاچ ۽ تصديقي مھم دوران 1 لک 38 ھزار کان وڌيڪ مشڪوڪ قومي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آھن. اختيارين جو چوڻ آھي تھ اھو قدم قومي سلامتي ۽ شناختي رڪارڊ جي تصديق کي بھتر بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آھي.تفصيل موجب، بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪيل جاچ دوران اھڙا شناختي ڪارڊ سامھون آيا، جن بابت شڪ ظاھر ڪيو ويو تھ اھي مبينا طور تي غلط يا غير تصديق ٿيل دستاويزن جي بنياد تي حاصل ڪيا ويا ھئا. ان کانپوءِ بايوميٽرڪ تصديق ۽ سرڪاري رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ذريعي ڪارڊن کي بلاڪ ڪرڻ جو عمل ڪيو ويو.اختيارين موجب، ھن مھم جو مقصد شناختي دستاويزن ۾ جعلسازي کي روڪڻ ۽ غير قانوني طور رھندڙ پرڏيھين جي سڃاڻپ واري عمل کي بھتر بڻائڻ آھي.ٻئي طرف، جن شھرين جا شناختي ڪارڊ غلط فھمي يا ڪنھن غلطي سبب بلاڪ ٿيا آھن، انھن لاءِ ٻيھر تصديق جو عمل موجود ھجڻ بابت ڄاڻ ڏني وئي آھي. متاثر شھري لاڳاپيل نادرا سينٽرن تي اصل خانداني ثبوت ۽ سرڪاري دستاويز پيش ڪري پنھنجو رڪارڊ درست ڪرائي سگھن ٿا.