مليل ڄاڻ موجب غوثپور. شھر جي بس اسٽينڊ تي ٻھ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن جي نوجوان مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ فوجو لولئي جو رھواسي نوجوان شهزور لولئي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي شهرين کڻائي نازڪ حالت ۾ سرڪاري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو لولئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آهي۔ مرڻينگ ٿيل نوجوان کي ابتدائي طبي امداد ڏيئي حالت سخت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس سول اسپتال سکر موڪليو ويو رستي م زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو ۔ رابطي ڪرڻ تي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ دڙي سندراڻي جي شيرو لولئي وارن سان چوپائي مال جي چوري تان تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن ۾ ٻھ ماڻھو مارجي ويا ھئا۔ واقعو ان پلاند ۾ پيش آيو آھي۔ ٻئي پاسي غوثپور پوليس واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ڏوھارين جي پيري پويان رواني ٿي ويئي آھي