ڪنڌڪوٽ اقبال ميموريل لائبريري ۾ مسئلن جو ڳڙ بڻيل ڊي سي پاران به سهولت ڏيڻ کان جواب شاگردن جو احتجاج

مليل موجب ته ڪنڌڪوٽ اقبال ميموريل لائبريري مختلف مسئلن جو ڳڙ بڻيل شاگردن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو مظاهري دوران شاگردن ڪامران علي بنگوار انجنيئر ڪاشف علي ڏاهاڻي ايازعلي سبزوئي تنوير علي رفيق احمد عنايت الله برڪت علي ٻين چيو ته اسين روزانو لائبريري اچون پيا پر نه بجلي نه پاڻي ۽ نه ئي ٻي ڪابه سهولت ناهي موتمارگرمي ۾ شاگردن کي اسٽيڊي ڪرڻ ۾ تڪليف اچي رهي آهي بار بار ڊي سي کي شڪايت ڪرڻ باوجود به ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي اسين آفيس وڃون ٿا پر ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڪشمور اسان سان نه ملي رهيوآهي لائبريري کي سهولت ڏيڻ حڪومت جو اول ترجي آهي پر لائبريري م به ڪابه سهولت ناهي آهي ۽ هو کنڊر کان سوا ڪجھ به ناهي شاگرد ڪهين اسٽيڊي ڪن اسان جو انتظاميا کان مطالبو آهي ته لائبريري کي سهولتون ڏئي شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي