ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ آرڪوھر جي رھواسي پورھيت سيدحبدار علي شاھ جي گھر کي اچانڪ چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳي وئي باھ لڳڻ ڪري کٽون ھنڌ بسترا 8 مڻ ڪڻڪ ھڪ ڀلوڙ ٻڪرسميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثر جي پاڙيسري سيد بدر علي شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيدحبدارعلي شاھ ھڪ مسڪين سيد آھي جنھن جي گھر کي اچانڪ چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب سموري گھر کي باھ لڳي وئي باھ لڳڻ سبب گھر ۾ پيل کٽون ھنڌ بسترا ڪڻڪ ھڪ ٻڪر سميٿ الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آھي ۽ پردي لاء ڏنل لوڙھو به سڙي ويو آھي ھن وقت مسڪين سيد بنا پردي جي کليل آسمان ھيٺ بي يارومدد گار ويٺل آھي ھنن سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو ته غريب سيد حبدار علي شاھ جي مالي سھائيتا ڪئي وڃي جيئن ھو فاقاڪشي کان بچي ٻچڙن سميت بھتر زندگي گذاري سگھي