ٺڪراٺو ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف نٽھڻ اُس ۾ احتجاجي مظاھرو نعريبازي

ٺڪراٺو ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف نٽھڻ اُس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نئين ايس اين اي ڪرائڻ ۽ لڪيل جايون ظاھر ڪرڻ لا۽ جو مطالبو ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ اميدوارن نظام الدين قاضي اشفاق سومرو علاءُ الدين مھتم ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته اسانکان سال 2021 ۾ آئي بي اي معرفت پي ايس ٽي جي ٽيسٽ ورتي ھئي جنھن ۾ اسان ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي ان باوجود اسانکي ھن وقت تائين آفر آرڊر نه ملي سگھيو آھي ھنن چيو آھي ته ضلعي سکر جون 2016 سال واريون لڪيل سيٽون 1600 آھن جيڪي ھن وقت تائين ظاھر نه ڪيون ويون آھن جيڪا اميدوارن سان بي واجبي آھي احتجاج ڪندڙ پي ايس ٽي اميدوارن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ ايم اين اي خورشيد شاھ ۽ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي پنوعاقل تعلقي جي نئين ايس اين اي ڪرائي اسانکي آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏنو وڃي.