ڪنڌڪوٽ پورھيت ظھير ملڪ بازياب نه ٿيو، معذور ڀاء پاڪ ڪتاب کڻي بازيابي لاء احتجا

مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ محمد مراد ملڪ واسي پورھيت نلڪن جو مستري ظھير ملڪ کي ڌاڙيلن مانجهي پل اڪبر باجڪاڻي پوليس چوڪي ويجھو يرغمال بڻائي اغوا ڪري ويا، ڏوھارين مغوي جي وارثن کي سوشل ميڊيا تي ڦوٽو وائرل ڪري انھن کان ڳرا ڀنگ طلب ڪيو، مغوي جو معذور ڀاء رفيق احمد ملڪ ڀاء جي بازيابي لاء پاڪ ڪتاب ساڻ کڻي بازيابي لاء احتجاج مظاهرو ڪيو، مغوي جو ڀاء ميڊيا آڏو لڙڪ لاڙيندي چيو ته معذور آھيان والد پيرسن بيمار آھي ڪمائڻ وارو گھر جو اڪيلو فرد آهيان ڏوھارين پنج ڏھاڙا اڳ منھنجي ڀاء کي نلڪا ٺاهڻ جي بھاني سان گھرائي سندن کي زنجيرن سان ٻڌي اسان کان ڀنگ گھري رھيا آھن اسين مسڪين پورھيت آھيون روز ڪمائي کائن وارا آھيو اسان وٽ 20 لک ڀنگ ڏيڻ جي سگھ ناھي جڏھن کان منھنجو ڀاء کي اغوا ڪيو ويو انھيءَ ڏينھن کان وٺي اسان جي گھر ۾ روج راڙو ڪھرام متل، آھي ڏوھارين کي پاڪ ڪتاب جو واسطو آھي، پاڪ ڪتاب جي صدقي مغوي کي آزاد ڪن اسان جي گھر ۾ پريشاني وارو ماحول ڇانيل اسين اعلي اختياريون ۽ ٻين وس وارن ڪامورن کان اپيل ڪندي چيو ته فلفورن نوٽيس وٺي ڏوھارين جي قيد ۾ باندي بڻيل منھنجي ڀاء بازياب ڪرايو وڃي