غوثپور۔شھر جي سيد محلي ۾ علائقي جي معزز شخصيت سيد منور علي شاه جيلاني جي صدارت

ڪنڌڪوٽ:غوثپور۔شھر جي سيد محلي ۾ علائقي جي معزز شخصيت سيد منور علي شاه جيلاني جي صدارت ھيٺ سندس بنگلي تي ”بين المذھب ھم آھنگي ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ علائقي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي معززين ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب جو خاص مھمان درگاه شاه غوث جيلاني جو سجاده نشين سيد يعقوب علي شاه جيلاني ھيو۔ ان کان علاوه تقريب ۾ سک مذھب جي اڳواڻن سردار دليپ سنگھ۔ سردار مڪيش سنگھ۔ اھل تشيع جي اڳواڻ مولانه ممتاز علي ڀيو۔ اشفاق سومرو۔ ھندو پئنچايت جي اڳواڻ ڊاڪٽر سندر داس۔ نارائڻ ناز۔ جميعت جي اڳواڻن سائين محمد شاه جيلاني۔ مولوي جمال دين اوڳاھي ۽ ٻين ڪيترن ئي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ سڀني قومن توڙي مذھبن کي تحفظ مليل آھي۔ ھنن چيو ته الله پاڪ پنھنجي پاڪ ڪتاب ۾ به انسان کي انسانيت جو درس ڏئي ٿو۔ اڳواڻن چيو ته اسانجي ضلعي ڪشمور ۾ ذات پات ۽ رنگ نسل جو ڪوئي ڦير ڦند ناھي اسان وٽ عيدون اسانجا ديوان ۽ ھولي ۽ ڏياري اسان مسلمان پنھنجو تھوار سمجھي ڪري ملھائيندا آھيون۔ اڳواڻن چيو ته اسانکي مذھبي ڪٽر پڻي ۽ تعصب واري سياست کان پاسو ڪري ھڪٻئي سان پيار محبت ۽ پنھنجائپ سان ھلي ھڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻو پوندو تڏھين ئي اسان معاشري ۾ پکڙيل گند ۽ نفرت جي باھ کي وسائي سگھنداسين