ڪنڌڪوٽ:غوثپور لڳ ڳوٺ خاوند بخش بهلڪاڻي واسي مغوي نواب بهلڪاڻي کي اڍائي مھينا اڳ ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا ھئا،

ڪنڌڪوٽ:غوثپور لڳ ڳوٺ خاوند بخش بهلڪاڻي واسي مغوي نواب بهلڪاڻي کي اڍائي مھينا اڳ ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا ھئا، مغوي جي بازيابي لاء ڪشمور ضلعي جو ايس ايس پي بشير احمد بروهي ۽ غوثپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪک ڀڄي ٻيڻو نہ ڪيو، مغوي جي وارثن ڏئي ڏوھارين ويڊيو وائرل ڪري ڀنگ طلب ڪيو، وائرل ٿيل ويڊيو ۾ مغوي زنجيرن ۾ جڪڙيل، ڏوھارين مغوي کي تشدد جو نشانو بڻائي رھيا آھن، ظالمن جي قيد ۾ باندي بڻيل مغوي جي وارثن ۾ مايوسي واري لھر ڇانئجي وئي، نواب بهلڪاڻي جي وارثن سندن جي بازيابي لاء آء جي سنڌ ڊي آء لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڏوھارين جي قيد ۾ باندي بڻيل مغوين نواب بھلڪاڻي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي