غوثپور ڀرسان پنجٽيھ ڏينھن اڳ اغوا ٿيل بئنڪ ملازمن اڄ رھائي ملڻ کانپو۽ پوليس جي ناڪامي جو کليل لفظن ۾ ميڊيا آڏو اظھار ڪندي

غوثپور ڀرسان پنجٽيھ ڏينھن اڳ اغوا ٿيل بئنڪ ملازمن اڄ رھائي ملڻ کانپو۽ پوليس جي ناڪامي جو کليل لفظن ۾ ميڊيا آڏو اظھار ڪندي ۽ دانھيندي ٻڌايو ته پوليس جو اسانجي رھائي ۾ ڪو به ڪردار ڪونھي۔ اسانکي پنھنجي راڄ ڀاڳ وارن راڄوڻي طريقي سان ڪوششون ڪري واپس ڪرايو آھي۔ ھنن چيو ته افسوس جو اسان پوليس جي پڪٽ آڏو اغوا ٿيا سي پر پوليس اسانکي ڏسي نه سگھي اسان ھنن جا آواز ٻڌون پيا ھو لائيٽون ھڻن پيا پو۽ به ڏوھاري اسانکي ڪچي طرف کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا۔ پوليس مڙسي ڪري ھا ته اسان اغوا ئي نه ٿيون ھا۔ ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کي ھر وقت زنجيرون ھڻي باندي بڻائي رکيو ويندو ھيو۔ ڏوھاري روز مارڪٽ ڪندا ھئا ۽ ڀنگ لا۽ مائٽن کي فونون ڪرڻ لا۽ مجبور ڪندا ھئا۔ ھنن چيو ته سخت گرمي سبب اسانکي سخت تڪليف ٿيندي ھئي ۽ خوف سبب رات جو ننڊ به نه ڪري سگھندا ھئاسين۔ ھنن سنڌي ميڊيا ۽ سوڊل ميڊيا جو شڪريو ادا ڪيو جن اسانجي معاملي کي مٿي اٿاريو۔