يوم تڪبير پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي ياد ڏياري ٿو: پاڪ فوج

پاڪ فوج يوم تڪبير جي 26هين سالگره تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته اهو ڏينهن پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي  ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو جنهن سبب خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ٿيو. اءِ ايس پي آر طرفان يوم  تڪبير جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ پاڪستاني فوج طرفان يوم تڪبير جي 26هين سالگره تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهو اهم موقعو 1998ع ۾ پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو جنهن ڪاميابي سان قابل اعتبار گهٽ ۾ گهٽ ڊيئرنس قائم ڪيو ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج ۽ قوم اهڙن سمورن ماڻهن جي لگن ۽ بي لوث قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جنهن انهي شاندار ڪارنامي ۾ پنهنجو حصو وڌو. اهڙي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اختياريون قوم ۽ ان جي هٿياربند فوج جا ٿورائتا ۽ تعريف جا مستحق آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ انهي اهم ڏينهن تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع ، ان جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ ۽ ملڪي سلامتي جو هر حال ۾ يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو  ڪردار ادا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.