ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ علي بخش ملڪ جي رھواسي پورھيت عبدالفتح ملڪ سندس گھرواري حسينه ملڪ جو مامي ۽ ٻارڙن سميت مبينا بااثر وڏيري جي ڪمدار ۽ ڀائرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيو ته ٻھ سال اگ يارو لنڊ کان ڪمدار پانڌي لنڊ جي زيادتين کان تنگ ٿي مامن وٽ لڏي اچي ھارپو ڪري ٻچڙن سان خوش زندگي گذاري رھيو آھيان ھاڻ ڪمدار پانڌي لنڊ منھنجي ڀائرن کي استعمال ڪري ڌمڪيون ڏئي واپس لڏي اچڻ تي زور ڀري رھيو آھي ٻئي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي , عبدالفتح ملڪ ويجھو ڳوٺ علي بخش ملڪ جي رھواسين عبدالفتح ملڪ ۽ سندس گھرواري حسينه ملڪ جو مامي الھڏتو ملڪ ۽ ٻارڙن سميت بااثر ڪمندار پاندي لنڊ ۽ سڳن ڀائرن جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙن دانھندي الزام ھڻندي ٻڌايو ته اسان ڪمدار پانڌي لنڊ جي ظلمن کان تنگ ٿي ٻن سالن کان يارو لنڊ مان لڏي اچي مامن وٽ ھارپو ڪري پنهنجي مرضي مطابق خوش زندگي گذاري رھيا آھيون ھنن الزام ھڻندي چيو ته منھنجا والدين ۽ ڀائر ڪمدار وٽ يرغمال بڻيل آھن جنھن کان زبردستي مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پاڻ ۾ وڙھائي رھيو آھي اڳ به ڪوڙا ڪيس ڪيا جيڪي ھاء ڪورٽ سکر جي جج صاحب ڪوڙو قرار ڏئي اسان کي پنھنجي مرضي سان رھڻ جي اجازت ڏيندي سکر کان پوليس پروٽوڪول ۾ ڳوٺ باحفاظت پھچايو اسين پنھنجي مامي علي بخش ۽ الھڏتو ملڪ وٽ رھون ٿا ھاڻ ڪمدار منھنجي ڀائرن کي استعمال ڪري منھنجي مامن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪري رھيو آھي احتجاج ڪندڙ عبدالفتح ملڪ وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته ڪمدار پاڌي لنڊ ٻن سالن کان منھنجي وڏي ڀيڻ امام زادي ملڪ کي اغواه ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ويتر اسان مٿان الزام مڙھي رھيو آھي ھاڻ ھو اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي ھنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل ڀاءُ اصغر ملڪ رابطي تي ٻڌايو ته اسان چاھيون ٿا لنڊ سردارن وٽ اچن ڳالھيون ڳالھايون