ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 9 مئي سانحي بابت شهزاد ٽائون ٿاڻي تي داخل 2 ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ عمر شير پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواستن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت اڻپورين شاهدين جي آڌار تي جوابدار کي ڪيسن مان بري ڪيو. وڪيل مرزا عاصم بيگ ۽ نعيم پنجوتها پي ٽي آءِ باني جي بريت تي دليل ڏنا هئا. وڪيل مرزا عاصم بيگ جو پنهنجي دليلن ۾ چوڻ هو ته غير لاڳاپيل شخص طرفان پي ٽي آءِ باني جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي. پي ٽي آءِ باني تي 109 جو الزام لڳايو ويو پر ڪي به شاهديون پيش نه ڪيون ويون.