ڪنڌڪوٽ ويجهو لوهي پل وٽان پوليس اهلڪار کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

ڪنڌڪوٽ ويجهو لوهي پل وٽان اغوا ڪيل مغوي پوليس اهلڪار علي رضا لغاري جي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. مغوي اهلڪار علي رضا لغاري وڊيو ۾ ڌاڙيلن جا مطالبه مڃڻ جي اپيل ڪندي نظر اچي رهيو آهي. مغوي اهلڪار جو چوڻ آهي ته پوليس جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ جي گهرن تي چڙهائي پئي ڪري ته هتي منهنجي مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو. ٻه ڏينهن اڳ ڌاڙيل هڪ اهلڪار کي زخمي ڪري ٻئي کي اغوا ڪري ويا هئا.