حيدرآباد ۾ گئس سلنڊرز جي ڌماڪن ۾ وڏي جاني نقصان کانپوءِ انتظاميا جاڳي پئي

حيدرآباد ۾ گئس سلنڊرز جي ڌماڪن ۾ وڏي جاني نقصان کانپوءِ انتظاميه جاڳي پئي، گئس سلنڊرز جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو. سسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد ۽ مختيارڪار گڏيل ڪارروائي ڪندي ايل پي جي جو مبينا طور غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙ 15 دوڪان سيل ڪيا. لطيف آباد ۾ به ايل پي جي سلنڊرز جو ڪاروبار ڪندڙ 3 دوڪان سيل، 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.