تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ نلڪي جو ڪم ڪرائڻ جي بهاني گهرائي اغوا ٿي ويل ملڪ برادري جو نوجوان ظهير ملڪ کي ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا ڪجھ ڏينھن اڳ زنجيرن سان ٻڌل ويڊيو وائرل ڪئي وئي ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کان ڏھ لک ڀنگ طلب ڪئي وئي راڄوڻي ڪوشش سان ملڪ برادري جو نوجوان ظهير ملڪ ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو ڪشمور پوليس پاران مقابلي ڪرڻ جي دعوا ڪشمور پولیس جي مطابق خوفيا اطلاع ملڻ تي دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م آپريشن دوران مغوي ظهير ملڪ کي ڇڏي ڌاڙيل پولیس جو گهيرو ٽوڙي فرار ٿي ويا آهن اهڙي طرح مغوي ظهير ملڪ کي بازياب ڪرائي ورتو هوڏانهن ذريعن موجب ته مغوي ظهير ملڪ ڏھ لک بنگ جا ڀري بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي پر پولیس ڪو به مقابلو نه ٿيو آهي