جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان گوليون هڻي قتل جوابدار فرار

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صدر ٿاڻي جي حد آڙي ڪاپ ۾ 35 ورھين جي نوجوان شير دل لانگو کي نامعلوم جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته ڪجهه سال اڳ هڪ عورت کي مقتول سان ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ مقتول ڪجهه سالن تائين دربدري واري زندگي گذاري رهيو هو جيڪو ڪافي سال ڳوٺ کان پري رهڻ بعد ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ پهتو ته کيس به گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.