ٺڪراٺو ويجهو ٺڪراٺو خانپور مهر لنڪ روڊ تي واقع ڄام دلوش موري تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو

ٺڪراٺو ويجهو ٺڪراٺو خانپور مهر لنڪ روڊ تي واقع ڄام دلوش موري تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن نتيجي ۾ ٻن نينگر سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ 2 نينگر پڻ شامل آھن گذريل پندرهن سالن کان خانپور مهر لنڪ روڊ تي ڄام دلوش مهتم پل جڙي راس نه ٿي آهي پل جا ٿنڀا تعمير ڪري ٺيڪيدار پندرهن سالن کان گم آهي جنهن ڪري هي خطرناڪ پل ٿي ويئي آ جنهن تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن دلوش پل تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ تماچي فقير راڄڙ ٻھ نينگر 10 ساله اجمير راڄڙ ۽ 12 ساله عبدالله راڄڙ سخت زخمي ٿي پيا ٺڪراٺو جي بي ايڇ يو کي اپ گريڊيشن نه ملڻ سبب اسپتال ۾ چوويھ ڪلاڪ طبي سهولت ميسر نه هجڻ ڪري زخمين کي طبي امداد لاء مقامي نجي اسپتال آندو ويو جتي زخمين جي ملم پٽي ڪئي ويئي هڪ ڄڻي عبدالله راڄڙ جي حالت نازڪ هجڻ ڪري سکر اسپتال نيو ويو