سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو، گرمي جي شدت برقرار

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو ۽ گرمي جي شدت برقرار آهي. موسميات کاتي موجب ڇنڇر تي دادو، لاڙڪاڻو، سبي ۽ تربيت ۾ گرمي پد 49 ڊگري رهيو. سکر ۽ بهاولپور ۾ گرمي پد 47، نوابشاهه، سرگودها، ساهيوال، جهلم، ڊيره غازي خان ۽ ملتان ۾ 46 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو ان کان علاوه حيدرآباد ۽ فيصل آباد ۾ 45، گوادر ۽ بنون ۾ 44، مٺي ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ 47 ڊگري جي گرمي44، لاهور ۾ 41 ڊگري جي گرمي 44 ڊگري محسوس ڪئي وئي.