پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان ٻئي شادي جي تصديق ڪندي ڪنوار سان تصوير شيئر ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي ان جي مايون جي رسم جون وڊيوز وائرل ٿيون هيون جنهن کان پوءِ فيروز خان جي ٻئي شادي جون افواهون ڪافي گرم هيون پر هاڻ انهن ان جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي آهي فيروز خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪنوار سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي زندگي ۾ ڀليڪار، خوبصورت هاڻ پاڻ کي ڪير به نٿو روڪي سگهي. ذريعن موجب فيروز خان جي نئين ڪنوار جو نالو دعا آهي. ياد رهي ته فيروز خان جي پهرين شادي 2018 ۾ عليزه سلطان سان ٿي هئي انهي جوڙي وٽ 2019 ۾ پهريون پٽ سلطان جڏهن ته فيبروري 2022 ۾ ڌيءَ فاطمه جي پيدائش ٿي هئي. ٻنهي ٻارن جي پيدائش کان پوءِ انهي جوڙي پنهنجا رستا ڌار ڪندي سيپٽمبر 2022 ۾ طلاق وٺي ڇڏي هئي.