اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف عدالت ۾ نڪاح ڪيس ٻئي عدالت ۾ ٽرانسفر ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻئي عدالت ٽرانسفر ڪرڻ جي جج شاهه رخ ارجمند جي درخواست منظور ڪري ورتي عدالت ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند کان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي عدالت ڏانهن ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جج شاهه رخ ارجمند تي اعتراض ڪيو هو جنهن کان پوءِ جج ڪيس ٻئي عدالت ٽرانسفر ڪرڻ جي لاءِ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو.