پريٽ آباد گئس سلينڊر ڌماڪي جي وڌيڪ 5 زخمين دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 23 ٿي ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب پريٽ آباد گئس سلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 5 زخمي فوت ٿي ويا، جنهن بعد واقعي ۾ فوتين جو انگ 23 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته 30 مئي تي حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو ٿيو هو، جنهن بعد باهه ڀرڪي اٿي، باهه سبب دڪان ۾ موجود سمورا سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيا هئا، حادثي ۾ 64 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن کي ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. 64 زخمين مان 23 ڄڻا ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي چڪا آهن.