رحيم يار خان ۾ ڌاڙيلن جي پوليس موبائل تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد، 1 زخمي

 رحيم يار خان جي علائقي خان بيله جي هڪ دوڪان ۾ ڦر جي واردات دوران ڌاڙيلن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد، 1 زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڌاڙيل موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب رحيم يار خان جي علائقي خان بيله ۾ ٽينٽ جي دوڪان تي ڦر جي واردات دوران پوليس پهتي ته ڌاڙيلن پوليس وين تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ٻطرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪانسٽيبل محمد شفيع ۽ ذيشان سميت 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 1 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو پوليس موجب زخمي اهلڪار کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس موجب پوليس موبائل ۾ موجود اهلڪارن تي فائرنگ ڪري فرار ٿيندڙ ڌاڙيلن جي ڳولا لاءِ علائقي جي ناڪا بندي ڪئي وئي آهي.واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو به ملي وئي آهي جنهن ۾ ڌاڙيلن کي پوليس وين تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.آءِ جي پنجاب پوليس موبائل تي ڌاڙيلن جي فائرنگ واري واقعي،  پوليس اهلڪارن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ جي معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.