جيڪب آباد ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪري ڇڏي. صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجيد جکراڻي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي غوث بخش جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول نوجوان جي وارثن سول اسپتال ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.