پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جي 9 مئي هنگامن واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي سي) سرگودها جي جج 9 مئي تي باهين ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف عمر ايوب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمر ايوب سڄو ڏينهن عدالت جي ٻاهر موجود هئو پر پوليس کيس اندر اچڻ نه ڏنو، اسان پوليس جي قدمن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. سرگودها ۾ اپوزيشن اڳواڻ کي عدالت وڃڻ کان روڪڻ تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ ان سان گڏ واڪ آئوٽ به ڪيو. ان موقعي تي اسد قيصر چيو ته عمر ايوب کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. حڪومت اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪري.