ڪابينه ڊويزن طرفان اماڻيل عيدالاضحيٰ جي موڪلن جي سمري وزيراعظم شهباز شريف منظور ڪري ورتي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينه ڊويزن 17 کان 19 جون تائين موڪلن جي سمري وزيراعظم ڏانهن اماڻي هئي جنهن جي منظوري وزيراعطم ڏئي ڇڏي. عيدالاضحيٰ جون موڪلون 17 کان 19 جون تائين ٿينديون. وزيراعظم عيدالاضحيٰ جي موڪلن جي حوالي سان سمري جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته سرڪاري ملازم پنج ڏينهن عيد جون موڪلون ملهائي سگهندا. جن سرڪاري آفيسن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي سرڪاري موڪلون هونديون آهن اهي ملازم عيد تي پنج موڪلون ملهائيندا. جڏهن ته صرف آچر جي موڪل ڪندڙ آفيس جا ملازم چار ڏينهن موڪلون ملهائيندا.