حڪومت سڄي ملڪ ۾ گهرن ۾ لڳل غير معياري پکن جي تبديلي جي حوالي سان صارفين جي لاءِ اسڪيم تيار ڪري ورتي آهي. ڪمپني گهر اچي صارف جي مرضي جا پکا لڳائيندي ۽ پئسا هڪ سال جي اندر بجلي جي بل ۾ وصول ڪيا ويندا. رپورٽ موجب غير معياري ۽ وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ پکن جي تبديلي جي معاملي ۾ حڪومت جي هڪ اسڪيم جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي بچاءُ مهم جي تحت انرجي سيور کان پوءِ هاڻ سڄي ملڪ جا پکا به تبديل ڪيا ويندا. نيشنل انرجي ايفيشني اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي پراڻن پکن جي تبديلي لاءِ گڏيل اسڪيم تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي لاءِ اسٽيٽ بينڪ جي رسڪ گارنٽي تي بينڪن فنانسنگ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. توانائي تحفظ اٿارٽي پکن جي تبديلي جو گڏيل پلان ناڻي واري وزارت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. پاور ڊويزن جي ذريعن موجب بينڪ پکن جي تبديلي لاءِ 1500 سئو ارب روپين جو قرض ڏيندي بجيٽ ۾ اهڙي اسڪيم جو اعلان ڪيو ويندو. پراڻن پکن کي تبديل ڪري صارفين کي معياري گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ پکا ڏنا ويندا. بينڪن کي رقم جي واپسي بجلي جي بلز ۾ ماهوار قسط جي صورت ۾ واپس ڪيا ويندا. اسڪيم حاصل ڪندڙ صارف کان هڪ سال ۾ وصولي ڪئي ويندي. نيشنل انرجي ايفشني اينڊ ڪنزرويٽن اٿارٽي هڪ ويب پورٽ ٺاهيندي جنهن تي سمورين بينڪ، سمورين ڪمپنين جي پکن جي قيمت لکيل هوندي. صارفين آن لائين اپلائي ڪندا ۽ ڪنفرميشن جي صورت ۾ پکا ٺاهيندڙ ڪمپنيون پاڻ اچي صارف جو پکو تبديل ڪنديون. صارفين جي گهر جو پکو تبديل ڪرڻ جي لاءِ بينڪ فنانسنگ ڪندي پر اها سهوليت ڊيفالٽرز جي لاءِ نه هوندي. اسڪيم جي تحت پهرين مرحلي ۾ 8 ڪروڙ 80 لک پراڻا پکا تبديل ٿيندا. ملڪ ۾ هن وقت 14 ڪروڙ 70 لک غير معياري پکا لڳل آهن جيڪي پيڪ سيزن ۾ ست هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهن. پراڻا ۽ غير معياري پکا تبديل ڪرڻ سان پنج هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي. پاور ڊويزن جي ذريعن چيو آهي ته صارفين کي نئين پکن جي قرض جي ايتري قسط نه ڏيڻي پوندي جيتري پراڻن پکن مان ماهوار بل ايندو آهي ان لاءِ اها اسڪيم فينز ايسوسيئيشن جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب معياري پکن تي بارڪوڊ هوندو جيڪي پي سي ايس آءِ آر جي ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي ٽيسٽنگ کان پوءِ صارفين کي ملندا. صارفين جي گهرن تي لڳل غير معياري پکن جي قيمت پندرنهن سئو روپيه مقرر هوندي.