وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024 لاءِ 18 هزار 900 ارب روپين جو وفاقي بجيٽ اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪندي. ناڻي واري وزارت بجيٽ تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ اڄ شام وفاقي ڪابينه بجيٽ جي حتمي منظوري ڏيندي. جنهن کان پوءِ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سالياني وفاقي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندو مسلم ليگ(ن) جي قيادت ۾ موجوده اتحادي حڪومت جو اهو پهريون وفاقي بجيٽ آهي. وفاقي حڪومت اندروني ۽ بيروهي سطح تي پيش ايندڙ چيلنجز دوران پنهنجو پهريون بجيٽ پيش ڪري رهي آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن، پينشن ۽ الائونسز ۾ اضافي جي تجويز آهي جڏهن ته ننڍي گريڊ جي ملازمن ۽ پينشنرز کي به رليف ملڻ جو امڪان آهي.